تيلي

تيلي

تيلي 2

تيلي2: ماچيس جي تيلي، سنهي ڪاني، جيڪا خاص طور تي باهه ٻارَڻ لاءِ ڪم اچي. تيلين کي گِهم وغيره کان بچاءَ لاءِ ڪاغذ جي هڪ ننڍڙي پيتيءَ ۾ وجهي رکبو آهي، جنهن کي مئچ باڪس (Match Box) يا ماچيس چئبو آهي. هي تيليون صنوبر، پڙتل جي وڻن ۽ ميڻ لڳل ڪاغذ مان ٺاهيون وينديون آهن. باڪس ۾ پيل تيلين جي هڪ ڇيڙي تي بارودي روغن لڳل هوندو آهي، جيڪو بارود واري فارمولي تحت پوٽاشيم نائٽريٽ (قلمي شورو)، گندرف ۽ ڪوئلي جي ميلاپ مان ٺهيل هوندو آهي. اهڙيءَ ريت باڪس جي پاسن ۾ وري ساڳئي روغن جو ليپ ٿيل هوندو آهي. جڏهن تيلي باڪس جي پاسي سان گهبي آهي ته گاٺ سبب گرمي پيدا ٿيندي آهي ۽ اهڙي گاٺ سبب بارودي روغن واري تيلي يڪدم ٻري پوندي آهي.
استاد بخاريءَ جي شعر جي هڪ سٽ آهي:
گسندي گسندي سنهڙي تيلي،
ٻــيــلا ٻــاري وجهــنـدي آهـي


هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڪاني - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيلي 2
ڪاني ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون